السلام عليڪم
تمام ناريجا برادري ۾ شامل ڀائرو ۽ بزگ، آڄ جتي دنيا ترقي ڪري رھي آھي اتي ھر ستھ تي دشمني به تمام گھڙي عام ٿي پئي آھي مثال اگر اسين ڳوٺ ۾ رھو ٿا ته رشتيدارن ۾ دشمني، ڳوٺوارن ۾ دشمني، وڏيري ۽ سردار جي دشمني، پوليس واري جي دشمني، دوستن جي دشمني، ڌاڙيلن جي دشمني، ذات پرستي جي دشمني ۽ جڏھن نوڪري ۾ وڃو ٿا ته اتي به عھدي جي دشمني، زبان جي دشمني، قوميت جي دشمني وري اگر اسين ملڪ کان ٻاھر وڃون ته نيشنلٽي جي دشمني. ان کي ڏسندي سنو جي اصل وجود ۾ اچڻ جو سبب ھي ناريجا برادري ۾ ٻڌي ۽ ايڪتا کي وڌايو وڃي جھڙي طرح ميمن، خواجه وغيره ۽ ويلفيئر سان برادري جي ضرورتمند ماڻھن جي مدد ڪئي وڃي، ھي ويب سائيٽ ھڪ اھم ڪردار ادا ڪندي ناريجا برادري ۾ ڇو تہ توھان ڪير به آھيو ڪٿا به آھيون صحيح يا غلط توھان کي ھڪ پليٽ فارم ملي ٿو توھان جو آواز آھي جنھن تي اوھان پنھنجي خيالن جو اظهار ڪري سگھو تھا ۽ محبت ۽ پيار جو پيغام ڏئي سگھو ٿا. مھرباني ڀاء منھنجا.